سينيٽ جا 52 ميمبر رٽائر، ملڪي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو ايوان غيرفعال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سال 2018ع ۾ چونڊيل 52 سينيٽر اڄ پنهنجي ڇهه سالا مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي رهيا آهن جنهن سان گڏوگڏ سينيٽ جون ڪميٽيون به ختم ٿي وينديون.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو سينيٽ جي خالي سيٽن تي نيون چونڊيون ٿيڻ تائين سينيٽ غير اثرائتي رهندو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن خالي سيٽن تي پولنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پنجاب ۽ سنڌ مان، 12، 12 جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان 11، 11 اسلام آباد مان ٽي ۽ فاٽا مان سينيٽ جون چار سيٽيون خالي ٿيون آهن.
قبائلي علائقي فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ سبب فاٽا جي خالي ٿيندڙ سيٽ تي چونڊ نه ٿيندي، اهڙي ريت 50 ورهين کانپوءِ فاٽا لاءِ سينيٽ جي مخصوص سيٽ ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.