پي ٽي آءِ جو چونڊ نتيجن خلاف احتجاج، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
چونڊ نتيجن خلاف احتجاج تي گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت سان رابطو ڪيو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا سندس درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پنج هزار رُپين جي مچلڪن عيوض خالد خورشيد جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيمابيه طاهر، محمد عظيم ۽ تيمور مسعود جون گرفتاري کان اڳ ضمانت واريون درخواستون پڻ منظور ڪيون ويون آهن.
جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن جون درخواستون منظور ڪندي کين پنج، پنج هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.