آصف زرداري بلاول لاءِ وزارت اعظميٰ جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)آصف علي زرداري پھرين شخصيت آھي،جيڪا ٻيو ڀيرو ملڪ جي صدارت جي منصب تي فائز ٿي آھي.کيس ھن مدي ۾ اھو داغ ڌوئڻو پوندو جيڪو اڳوڻي دور ۾ سندس مدي دوران ايوان صدر تي لڳو ھو تھ اتان مني لانڊرنگ ٿئي ٿي.ھو اتي ھوندي سندس فرزند بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ جي لاءِ بھ رستو صاف ڪري سگھي ٿو.سندس ڪوشش ھوندي تھ شھبازشريف جي مدي ختم ٿيڻ بعد بلاول ان عھدي تي اچي،صحافي جاويد چوڌري چيو آهي ته صدر جي عھدي رھي ڪري ھو پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالھين جي ميز تي آڻي،عمران خان کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري سگھي ٿو. وٽس مخالفن کي ڳالھين جي ٽيبل تي آڻڻ جي  ڀرپور صلاحيت آھي.صدر سپريم ڪمانڊر بھ ھوندو آھي ان ڪري ھو ملڪ ۾ استحڪام بھ آڻي سگھي ٿو. شھبازشريف ۽ فوج وچ ۾ بھتر لاڳاپا جوڙي ڪري ملڪ ۾ موجود بحران مان ڪڍي سگھي ٿو،جنھن سان ھڪ سياسي استحڪام ايندو.هن چيو ته آصف زرداري پنجاب ۾ سندس گورنر ھئڻ ڪري اتي پيپلزپارٽي جي لاءِ اسپيس پيدا ڪري سگھي ٿو جنھن سان پارٽي پنجاب ۾ اٿي سگھي ٿي.ان سان گڏ آصف زرداري جي خواھش ھوندي تھ ھو خيبرپختونخواھ ۾ عوامي نيشنل پارٽي سان گڏجي ڪري اتي پيپلزپارٽي کي اڳيان آڻي سگھي ٿو.صدر جي حيثيت ۾ ھو چين، ايران ۽ ھندستان سان بھتر لاڳاپا قائم ڪري سگھي ٿو.ايران کان گئس پائپ لائن جي رٿا بھ ھن ئي ڏني ھئي،جنھن کي ھو آساني سان مڪمل ڪري سگھي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 11 مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.