ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپنين، ادارن ۽ سرمائيدارن حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپنين، ادارن ۽ سرمائيدارن حوالي ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون نواز شاهه ڀاڏائي، غفار ميمڻ، حيدر چولياڻي، غلام حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ، معصوم پريا ڪماري جي اغوا، سنڌو درياءُ تي قبضي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ خلاف جيـئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجڊ شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت عدالتن کان مٿانهين قتلن، سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضن، ڌارين جي آبادگاري، قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ سنڌ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو قبيلائي جهيڙن خلاف وڪيل علي حسن چانڊيو، علي حسن دل، عابد، سرمد لغاري بلال پنهور ايس يو پي اڳواڻ لالا اظھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌ اندر زمينن جي والار ۽ بدامني خلاف قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن ذوالفقار بليدي، منٺار بگٽي، منير ڊومڪي، انور علي ڊومڪي، محمد علي ابڙو، رزاق سرگاڻي، مور بليدي، شوڪت مگسي ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪيو، وارهه ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اعلانيل سڏ تي غفار ميرجت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي خيرپور ۾ قومي ڪارڪنن پاران سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي قبضن خلاف جادو شاھ موڙ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي سجاول سنڌيار ڪاشف دل الطاف چنو زيد ڦلپوٽو ديدار جلباڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ادارن کي ڏنل زمين، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي ڌاري آبادڪاري خلاف جئي سنڌ محاذ مورو طرفان مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي جئي سنڌ محاذ ڊويزنل اڳواڻ ابرار مورائي تعلقه اڳواڻ دانش ميمڻ باغي جنيد ڍلو آڪاش سنڌي ڪامريڊ اشفاق ملڪ باغي صدام شيراز سومرو فقير صدام سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته سکر، دادو، ميهڙ، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ادارن کي ڏني وئي آهي، اهو فيصلو سنڌي قوم ڪڏھن به قبول نه ڪندي، جڏھن ته هٿ وٺي سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي پاليو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر زور پيو ٿيندو وڃي، سنڌ واسي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليتي بڻجي رهيا آھن، حڪمران سنڌي قوم کي ڀت سان لڳائي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان ڌارين کي واپس اماڻي سنڌ جون ڏنل زمينون سنڌ جي بي گهر ۽ بي زمين ڌرتي ڌڻي هارين ۾ ورهائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.