لاهور(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته رڳو چار تڪ کوليا وڃن ته خبر پئجي ويندي، انهن مان هڪ تڪ لاهور مان اين اي 130 آهي جتي پي ٽي آءِ جي ياسمين راشد ۽ ن ليگ جي قائد نوازشريف ۾ مقابلو ٿيو ،ٻيو پشاور مان نور عالم جو آهي، ٽيون سلمان اڪرم راجا خلاف عون چوڌري جي ڪاميابي وارو آهي ۽ چوٿون مطالبو اهو آهي ته اسلام آباد جو ڪو به تڪ ٻيهر کوليو وڃي،اين اي 130 تي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر ياسمين راشد هن وقت جيل ۾ آهي، ان تڪ تي 30 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي بي ضابطگيون ڏٺيون ويون آهن،ياسمين راشد جي پولنگ ايجنٽ ساجد نبي چيو ته اسان کي چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي،نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ مهل به مشڪلات پيش آئي، تائيد ڪندڙن ۽ تجويز ڪندڙن جي ڪاغذن تي اٽيسٽ ڪرڻ وارو ڪو به نه هو، جيڪو نوجوان اسان جي آفيس مان ٿي ويندو هو ان جي گهر تي پوليس چڙهائي ٿي پوندي هئي، ڀڃ ڊاهه ڪئي ويندي هئي، اسان پولنگ ايجنٽن جو انتظام ڪيو، اها اليڪشن پري پلان هئي،8 فيبروري جا نتيجا اسان لاءِ به سرپرائز هئا ته جبر باوجود قوم پنهنجي ليڊر عمران خان سان ڪيتري محبت ڪري ٿي، چونڊن واري رات مون کي آر او آفيس مان ٻاهر ڪڍيو ويو،رٽرننگ آفيسر کي به بيمار ڄاڻائي پي آءِ سي موڪليو ويو،هن چيو ته اسان توهان جي مرضي موجب فارم 47 تي صحيح نه ڪندس، هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ٿوري دير بعد نئون آر او رياض الدين کي موڪليو ويو هو ته آر او لڳي نه رهيو هو، هن اعلان ڪيو ته هڪ لک 79 هزار ووٽ نوازشريف کي ۽ هڪ لک چار هزار ووٽ ياسمين راشد کي پيا آهن،هن چيو ته ان تڪ تي صوبائي سيٽ تي 78 هزار ووٽ ئي نه پيا،اسان نوازشريف کان 23 هزار ووٽن کان اها چونڊ کٽي آهي، معاملو اڃا اليڪشن ڪميشن ۾ پينڊنگ ۾ آهي، اينڪر منصور علي خان چيو ته ان تڪ تي فارم 45 تي وڏي گرٻڙ ڪئي وئي آهي، پولنگ اسٽيشن نمبر هڪ تي ياسمين راشد کي ڏنل فارم 45 موجب نوازشريف کي 291 ووٽ مليا، ياسمين راشد کي 469 ووٽ مليا پر اليڪشن ڪميشن جي ڪاپي موجب 219 جي انگ آڏو هڪ جو اضافو ڪري ان کي 1219 ووٽ ڪيو ويو،پولنگ اسٽيشن نمبر 6 تي نوازشريف جا 235 ووٽ آهن ۽ ياسمين راشد کي 380 ووٽ مليا، اليڪشن ڪميشن جي ڪاپي موجب اتي نوازشريف جا ووٽ هڪ هزار 235 ڪيا ويا،اتي به هزار ووٽن جي ڏنڊي هنئي وئي،پولنگ اسٽيشن نمبر 18 تي نوازشريف جا ووٽ 315 ٿيا،ياسمين راشد جي 378 ووٽ آهن، اليڪشن ڪميشن جي ڪاپي موجب نوازشريف جا ووٽ 375 مان 1875 ٿي ويا،پولنگ اسٽيشن 21 تي نوازشريف جا ووٽ 275 آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فارم 45 جي ڪاپي ۾ 1273 ڪيا ويا ،ياسمين راشد جا 332 ووٽ ٿيا، پولنگ اسٽيشن نمبر 24 تي نوازشريف جا ووٽ 164 آهن اهي 1190 ڪيا ويا،ياسمين راشد جا 178 ووٽ هئا پر اليڪشن ڪميشن جي ڪاپي ۾ رڳو 70 ڄاڻايا ويا،ياسمين راشد جي ڪاپي موجب ان پولنگ تي ڪل 372 ووٽ ڪاسٽ ٿيا پر اليڪشن ڪميشن جي ڪاپي ۾ 1290 ڄاڻايا ويا،پولنگ 40 تي به نوازشريف جاووٽ هڪ هزار وڌيڪ ڄاڻايا ويا، پولنگ 42،43،45 تي نوازشريف جا ووٽ 1600 وڌي ويا،مختلف پولنگن تي امپائر جي آڱر نظر آئي،
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 11 مارچ 2024 تي شايع ٿي