ممبئي (ويب ڊيسڪ) جمهوريت چيڪ جي ڪرسٽينا پيزڪووا ڀارت ۾ ٿيل سونهن مقابلي ۾ مس ورلڊ جو تاج کٽي ورتو.
ممبئي ۾ هن مقابلي دوران لبنان سان واسطو رکندڙ ياسمينا زيتون 112 اميدوارن ۾ فرسٽ رنر اپ رهي.
پيزڪووا چيو ته مس ورلڊ جو تاج سندس خواب آهي، مون کي عالمي پليٽ فارم تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي فخر آهي.
پولينڊ سان واسطو رکندڙ مس ورلڊ ڪارولين بيلاوسڪا تاج کيس منتقل ڪيو.