سني ليوني جهڙي اداڪارا صوفيا ليوني 26 سالن جي عمر ۾ پراسرار نموني فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بولڊ فلمن جي اداڪارا صوفيا ليوني 26 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي گهر مان مئل حالت ۾ ملي.

ويڳي پيءُ مائيڪ روميرو سندس موت جي تصديق ڪئي.

صوفيا جي پيءُ چيو ته هو پهرين مارچ تي پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ ملي هئي، صوفيا جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين ۽ دوستن کي صدمو پهتو آهي.

هن چيو ته سندس ڪٽنب ۾ مالي ڏکيائين به آهن، جڏهن ته مقامي پوليس طرفان موت جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

ماڊلنگ ايجنسي به صوفيا جي موت جي تصديق ڪئي.

صوفيا ليوني 18 سالن جي عمر ۾ فلمن ۾ پير رکيو هو سندس اثاثا 10 لک ڊالر کان گهٽ آهن.

خيال رهي ته سني ليوني به ننڍي عمر ۾ اهڙي صنعت ۾ پير رکيو هو پر پوءِ ڀارتي اداڪارا بڻجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.