بهاولپور پوليو ريسڪيو اهلڪار جي آزادي لاءِ سنڌ پوليس کان مدد گهري ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيندڙ ريسڪيو 1122 جي اهلڪار جي آزادي لاءِ سنڌ پوليس کان مدد گهري ورتي.
ڊي پي او بهاولپور سنڌ پوليس کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري ۽ مغوي جي آزادي لاءِ مدد ڪئي وڃي.
خط ۾ لکيو ويو ته جوابدارن ڀنگ لاءِ مغوي جي موبائل فون تان رابطو ڪيو هو.
پنجاب پوليس ريسڪيو اهلڪار جي آزادي لاءِ ايس پي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي هئي، 23 ڏينهن گذرڻ باوجود جاچ ٽيم ريسڪيو اهلڪار کي آزاد ناهي ڪرائي سگهي.
ڪچي جا ڌاڙيل ريسڪيو اهلڪار جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، 15 فيبروري جي شام بهاولپور جي ڪچي مان ڌاڙيل ريسڪيو اهلڪار سليم هاشمي کي اغوا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.