رمضان کان اڳ ئي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا

ڪراچي(م ڊ) منافعي خورن رمضان المبارڪ کان اڳ عوام کي مهانگائي جو وڏو جهٽڪو لڳائي ڇڏيو، ڪراچي ۾ بصر 300،ٽماٽا  200 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، جڏهن ته سموسي رول ۾ استعمال ٿيندڙ شمله مرچ عوام جي پهچ کان پري ٿي وئي،هڪ ڏينهن ۾ قيمت 200 رپيا في ڪلو مان 700 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي،ڪراچي جي بازارن ۾ ٿوم هزار رپيا، ادرڪ 600 رپيا۽ ساوا مرچ 500 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، ان کان علاوه وڏو گوشت 1400 رپيا جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 700 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.