پشاور ۾ بارودي مواد جي منتقلي دوران ڌماڪو، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي بورڊ بازار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ٿيو، بم ڊسپوزل يونٽ رپورٽ موجب ڌماڪو آپگهاتي نه هو، بارودي مواد جي منتقلي دوران ڌماڪو ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته بارودي مواد منتقل ڪندڙ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي ۾ ڪنهن شهري کي نقصان نه پهتو، مارجي ويل ۽ زخمي دهشتگرد جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، انهن جو واسطو پشاور سان آهي ۽ سي ٽي ڊي کي گهربل هئا، دهشتگردن وٽان موبائل فونز ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.