چيني صدر جون آصف زرداري کي صدر چونڊجڻ تي واڌايون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ آصف علي زرداري کي پاڪستان جون 14 هون صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
پنهنجي واڌائين جي پيغام ۾ چيني صدر جو چوڻ هو ته پاڪ چين پراڻي دوستي، تاريخ ۽ عوام جو خزانو آهي، چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، دوست، ڀائيوار ۽ ڀائر آهن.
شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن سي پيڪ جي تعمير ۾ هاڪاري نتيجا حاصل ڪيا، پاڪستان ۽ چين ويجهي اعليٰ سطحي ڏي وٺ برقرار رکي ۽ ٻنهي ملڪن بنيادي مفادن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي.
چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي، مختلف شعبن ۾ عملي سهڪار اڳتي وڌائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.