وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج جي رقم ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان مهيني ۾ عوام لاءِ خاص پيڪيج جي رقم ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج جو ڪاٿو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ رمضان رليف پيڪيج جو دائرو به وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم وڌ کان وڌ غريب ۽ حقدار ماڻهن تائين رليف پيڪيج پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تحت يوٽيليٽي اسٽورن ۽ بي آءِ ايس پي سان گڏ هاڻ موبائل يونٽس به کاڌي پيتي جون شيون ڏيندا.
شروعاتي طور تي 1200 موبائل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پيڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، پهرين رمضان کان عيد تائين رليف پيڪيج ۾ عام بازار کان گهٽ اگهه تي شيون ڏنيون وينديون ۽ مقرر جاين کانسواءِ مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي ٽرڪن ذريعي سستيون شيون پهچايون وينديون.
ان کانسواءِ موبائل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خاص وڊيو به جاري ڪئي ويندي، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي وارو ڊيش بورڊ جوڙيو پيو وڃي ته جيئن موبائل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي.
موبائل يونٽس جي هڪ کان ٻئي هنڌ منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جاري رهندي، موبائل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورڇ جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي.
ان خاص پيڪيج تحت 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي رمضان ۾ سستي اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون ڏنيون وينديون ۽ رمضان رليف پيڪيج تحت حقدارن کي بازار کان 30 سيڪڙو سستيون شيون ڏنيون وينديون، اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 70 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.