انڊونيشيا ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 19 ماڻهو فوت، 700 گھر تباهه

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي صوبي ويسٽ سماترا ۾ برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب گهٽ ۾ گھٽ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 گم آهن، ان کانسواءِ 70 هزار ماڻهن مجبوريءَ ۾ لڏ پلاڻ ڪئي.
گذريل هفتي کان جاري برساتن جي نتيجي ۾ صوبائي راڄڌاني پڊانگ سوڌو ٻين علائقن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 700 گھر تباهه ٿي ويا ۽ ڪيترين ئي پلن ۽ اسڪولن کي نقصان پهتو جڏهن ته هزارين ايڪڙ فصل به متاثر ٿيو آهي.
انڊونيشيا جي ريسڪيو ايجنسي موجب 150 ريسڪيو اهلڪار گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
انڊونيشيا جي ڊزاسٽر ايجنسي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برسات جي امڪانن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب وڌيڪ نقصان جي حوالي سان خبر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.