ننهن جي صحت ۽ صفائيءَ جو خيال ڪئين رکجي؟

ننهن جي صفائي ۽ صحت جو خيال رکڻ به ايترو ئي ضروري آهي جيترو اسان پنهنجن وارن ۽ منهن جو خيال رکندا آهيون.
ننهن کي ڏسي اوهان جي صحت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو جڏهن ته ننهن اوهان جي شخصيت کي به ظاهر ڪن ٿا.
ان کانسواءِ اوهان جي ننهن جي رنگ سان جسم ۾ رت جي کوٽ جو پتو به لڳائي سگھجي ٿو.
ننهن جي صحت جو خيال ڪيئن رکجي؟
غذائيت سان ڀرپور کاڌو نه رڳو جسم لاءِ ضروري آهي پر ننهن کي صحتمند رکڻ لاءِ به ضروري آهي.
وٽامنز، منرلز ۽ پروٽين سان ڀرپور کاڌا اوهان جي ننهن کي مضبوط بڻائين ٿا ۽ انهن کي ٽٽڻ کان بچائين ٿا.
اسان پاڻيءَ جو استعمال ان ڪري وڌيڪ ڪندا آهيون ڇو جو اهو بُڪين جي صفائيءَ لاءِ ضروري آهي پر پاڻي کَلَ جوان رکڻ سان گڏوگڏ ننهن لاءِ به ضروري هوندو آهي، جيڪڏهن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ته ننهن به بي رونق ٿي ويندا آهن.
ٿانو ڌوئڻ وقت يا ڪيميڪل جو استعمال ڪندي هٿن تي دستانا لازمي پهرڻ گھرجي ڇو جو اهي اوهان جي ننهن کي خراب ڪري سگھن ٿا جڏهن ته ننهن پالش ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ گھرجي ڇو جو پالش ۾ موجود ڪيميڪل اوهان جي ننهن جي صحت کي متاثر ڪري ٿو.
ان کانسواءِ وقت تي ننهن ڪٽڻ به ضروري آهي ڇو گندا ننهن اوهان جي شخصيت متاثر ڪندا آهن جڏهن ته گندگي جي ڪري ننهن جي خوبصورتي به خراب ٿي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.