چيڪ ريپبلڪ جي ناري مس ورلڊ 2024ع بڻجي وئي

يورپي ملڪ چيڪ ريپبلڪ جي ناري ڪرسٽينا پيزڪووا مس ورلڊ 2024ع جو مقابلو کٽي ورتو.
پرڏيهي ميديا موجب مس ورلڊ 2024ع ڀارتي شهر ممبئي ۾ ٿيو جتي وڏي انگ ۾ سڄي مان ذهين ۽ خوبصورت عورتن حصو ورتو.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 111 نارين مان چيڪ ريپبلڪ سان واسطو رکندڙ ڪرسٽينا پيزڪووا کي مس ورلڊ 2024ع جو تاج پارايو ويو.
مس ورلڊ جي مقابلي ۾ شريڪ نارين جي فٽنس، خوبصورتي ٽيلينٽ ۽ پبلڪ اسپيڪنگ جي صلاحيت کي پرکيو ويندو آهي، ان کانسواءِ هن ڀيري مقابلي ۾ حصو وٺندڙن سان تاوز ٿيل جي 20 سمٽ حوالي سان به بحث ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.