گڏيل عرب امارتن ۾ برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي رياستن دبئي، شارجه، ابوظهبي، راس الخيمه ۽ عجمان ۾ تيز برسات سبب هيٺيانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
برساتن کان پوءِ نالا ڀرجڻ ۽ اٿلڻ سان دبئي کان شارجه ويندڙ بس سروس معطل ٿي وئي، خراب موسم جي ڪري دبئي ويندڙ ڪيتريون ئي اڏامون به ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ڪجهه اڏامن کي مسقط ۽ دوحه موڪليو ويو.
شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب اختيارين شهرين کي احتياط سان ڊرائيونگ ڪرڻ ۽ سمنڊ تي نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.