هاڻي انسٽاگرام تي گيم به کيڏي سگھبي

خاموشي سان هڪ دلچسپ گيم کي انسٽاگرام جو حصو بڻايو ويو آهي.

جي ها واقعي انسٽاگرام ۾ گيم شامل ڪئي وئي آهي جيڪا پراڻين گيمن جي شوقين ماڻهن کي ضرور پسندي ايندي.

اها گيم ماضي ۾ موبائيل فونز ۾ دستياب گيمز پونگ جهڙي ئي آهي.

ان گيم تائين پهچي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽ ميسيج ۾ وڃي ڪنهن به چيٽ کي کولڻو پوندو.

ان چيٽ تي ڪنهن به ايموجي کي سينڊ ڪري ان تي ڪلڪ ڪريو، ائين ڪرڻ تي اسڪرين جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو ۽ اوهان جو چونڊيل ايموجي اتي نظر ايندو.

ان کانپوءِ مٿان کان ايموجيز جي برسات ٿيندي ۽ جيئن جو تيئن بيڪ گرائونڊ ڪلر گھرو ٿيندو ويندو جڏهن ته ايموجيز ڪرڻ جي رفتار به وڌندي ويندي.

گيم ۾ اوهان جو هاءِ اسڪور محفوظ رهندو.

جڏهن ته اوهان ڪنهن فرد کي ايموجي موڪلي گيم کيڏڻ شروع ڪندا ته ان کي خبر نه پوندي، پر هو اهو ضرور پڇي سگھي ٿو ته کيس بنا سبب جي ايموجي ڇو موڪليو ويو.

اها گيم آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ڊوائيس جي واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.

انسٽاگرام پاران به گيم جي تصديق ڪندي چيو ويو اهي ته اسان سدائين ايپ کي تفريح جو ذريعو بڻائڻ لاءِ نوان فيچر آزمائيندا رهندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.