ڪراچي(رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ صدر آصف علي زرداري واضح اڪثريت ماڻي آهي، هاڻ پاڪستان بابت جيڪو آصف علي زرداري جو خواب ۽ ويزن هو، اهو هاڻي پورو ٿيندو، ملڪ ۾ ترقي ۽ اتحاد جو سفر شروع ٿيندو.سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻي جمهوريت، ارڙهين ترميم، آئين ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ٿيندو، صدارتي چونڊن ۾ شڪست حاصل ڪندڙن لاءِ به اها خوشخبري آهي ته هڪ ميچوئر شخصيت کي پاڪستان جو صدر چونڊيو ويو آهي، انشاءَ الله ان ھاڪاري سوچ سان پاڪستان فتح ماڻيندو. هن چيو ته آصف علي زرداري جڏهن پھرئين ڀيري صدر چونڊيو ويو ھو ته هن تاريخي تبديليون متعارف ڪرايون ھيون، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هميشه طاقتور ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندي رهي آهي پر ان جي برعڪس صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو.هن چيو ته سي پيڪ منصوبو، بلوچستان حقوق پروگرام، اين ايف سي ايوارڊ، خيبرپختونخواهه کي نالو ڏيڻ آصف علي زرداري جون تاريخي ڪاميابيون آهن، جن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته آصف علي زرداري چئني صوبن کي ڳنڍڻ، سمورين سياسي طاقتن کي گڏ ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ پاران شروع ڪيل پولرائزيشن ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ سمورن ادارن کي گڏ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري کي مفاهمت جو بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو.هن چيو ته نفرت ۽ الزام تراشي جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، صدر آصف علي زرداري ان ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.هن چيو ته اسيمبلي ۾ ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهائڻ واري محمود خان اچڪزئي کي صدر نامزد ڪرڻ پي ٽي آءِ جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو.هن چيو ته جيڪو به ملڪ خلاف ڳالهائي ٿو اهو پي ٽي آءِ جو پسنديده آهي، چيڪو ملڪ کي متحد ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته پي اٽي آئي ان سان گڏ هلڻ نه ٿي چاهي.هنن چيو ته محمود اچڪزئي ٻڌائي ته 2018 جون چونڊون ڪيئن ٿيون، محمود اچڪزئي کي انهن پارٽين نامزد ڪيو جيڪي ڌانڌلي جي پيداوار آهن.7 مارچ کان ان مقرري تي غور ٿي رهيو هو، جڏهن ته نديم انجم لاءِ هڪ دوست اسلامي ملڪ جي سفير به سفارش ڪئي آهي