اسان جو هميشه کان اهو ئي خيال رهيو آهي ته ملڪ اندر چونڊيل، عوامي، پارلياماني، جمهوري نظام ئي ملڪ ۽ عوام جي بهتري ۾ هوندو آهي پر ملڪ اندر خود رياست، حڪومت ۽ سياسي جماعتن اندر غير جمهوري طاقتون موجود هونديون آهن. جيڪي جمهوري نظام جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل هونديون آهن. اسان جي ملڪ جي جمهوريت جو اهو ئي الميو رهيو آهي. انهيءَ ٻاٽ اونداهي واري تاريخ ۾ ڪي اهڙيون به شخصتون ڏٺيون ويون آهن جن جمهوريت جي عظيم مفاد ۾ نه رڳو جدوجهد ڪئي پر قربانيون به ڏنيون. پر جمهوريت ۽ آمريتي طاقتن جو بهرحال اڄ به راڄ آهي. جمهوريت جو نظام اڄ به ڪمزور آهي ۽ ان کي ويتر ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
انهيءَ پس منظر ۾ سال 2024ع جي 8 فيبروري واري چونڊ جي نتيجي ۾ ڪالهه صدارتي چونڊ به ٿي گذري جنهن ۾ پ پ جي سربراهه آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر مملڪت ٿيڻ جو اعزاز نصيب ٿيو آهي. پهريون ڀيرو آصف زرداري 2008ع جي چونڊن جي نتيجن ۾ صدر ٿيو هو ۽ پاڻ کي تاريخ جو جموري ۽ پارلياماني صدر ثابت ڪيو هو. آصف زرداري جنهن دور ۾ صدر ٿيو هو ته هو مضبوط ترين سويلين صدر هو پر هن جمهوري ۽ پارلياماني صدر ٿيڻ لاءِ ضياءُ الحق جي 8 هين آئيني ترميم ختم ڪرائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ وارا صدارتي اختيار ختم ڪري پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو ۽ ملڪ اندر 18 هين ترميم آڻي خودمختياري ڏني هئي. پ پ جو اهو ڪم اهڙو ئي هو جهڙو ذوالفقار علي ڀٽو جو ملڪ کي آئين ٺاهي ڏيڻ وارو هو.
هاڻي وري جڏهن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر چونڊيو آهي ته اسان جمهويت جي دوست طور سندس آجيان ڪريون ٿا. هو صدر مملڪت طور پنهنجي تاريخ ٺاهي چڪو آهي. کيس پهريون ايم ڪيو ايم صدر طور نامزد ڪيو هو ۽ هاڻي مسلم ليگ(ن) جي اتحادي جماعتن گڏيل طور آصف زرداري جو صدر ممڪلت طور نالو ڏنو ۽ چونڊرايو. هيل سندس مقابلو سني اتحاد ڪائونسل عرف تحريڪ انصاف جي اميدوار محمود اچڪزئي سان هو پر پارليامينٽ اندر مسلم ليگ (ن) جي اتحادين جو اڪثريتي ووٽ هو.
بهرحال ڪجهه به هجي آصف زرداري بلڪل به صدر مملڪت جي عهدي لاءِ موزون آهي. سندس مخالف به تسليم ڪن ٿا ته هن ۾ سڀني جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت آهي. هن مفاهمت جي سياست کي متعارف ڪرايو ۽ وڌايو آهي. گذريل ۽ هاڻوڪي اتحادي حڪومت بڻائڻ ۾ پڻ آصف زرداري جو ڪردار روح روان وارو رهيو آهي. هي سياسي شخصيت آهي ۽ بقول مريم نواز جي ته سياسي لاهن چاڙهن کان واقف آهي. هڪ سياسي جمهوري ۽ مفاهمت جي سياست تي يقين رکندڙ آصف زرداري جي ٻئي ڀيري صدر مملڪت ٿيڻ جي اسان آجيان ڪريون ٿا. اميد ته سندس ٻئي صدارتي دور ۾ ملڪ اندر جمهوري نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ هن دور ۾ هو پي ٽي آءِ کي به مفاهمت جي سياست ۾ آڻڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري ڏيکاريندو جيڪوعمل موجوده جمهوري حالتن جو گهرجائو پڻ آهي.
-
سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊن کي صاف شفاف بڻائڻ جو سوال
اڄ 10 مارچ سال 2024 جون سنڌي ادبي سنگت مرڪز جون چونڊون حيدرآباد ۾ ٿي رهيون آهن. تاريخ ۾ اهو لکيو ويندو ته اڄ جي چونڊن ۾ تاج جويو پئنل، احمد سولنگي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل پئنل سميت ٽي پئنل مقابلو ڪندا.
سنڌي ادبي سنگت جي جيتوڻيڪ تنظيم نج ادبي تنطيم آهي پر تاريخ طور ڏسجي ته هي سنڌين جي ڪجهه اهڙن ادارن مان هڪ ادارو آهي جيڪو سنڌين جو پنهنجو قائم ٿيل آهي تنهن ڪري ان اداري سان مجموعي طور تي سنڌي قوم جي جذباتي وابستگي رهي آهي. ان اداري جي بقا ۽ ترقي جو معاملو رڳو اديبن جو ناهي پر سڄي سنڌي قوم جي ذميواري آهي. پر افسوس ته سنڌي اديبن خاص ڪري جيڪي چونڊن ۾ حصو وٺندا آهن تن سنڌي ادبي سنگت ڏانهن اهو جذباتي ۽ سنجيده تعلق ناهي جوڙيو ٻيو ته ڇڏيو انهن سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کي به هاڻي سياسي چونڊن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي. عهدن جي لالچ ۽ ذاتي انائن هن اداري کي به تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار جيئن ته رضاڪاراڻي نوعيت جا آهن تنهن ڪري سنگت جون چونڊون سياسي تنظيمن وانگر ڪرائڻ جو ڪو جواز ناهي نه ئي ڪوڙيون شاخون ۽ ڪوڙا ميمبر ٺاهي هڪٻئي جي پئنلن جون شاخون ختم ڪري چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جون غير جمهوري روايتون قائم ڪرڻ جي ڪا ضرورت آهي.
سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون انتهائي صاف شافاف نموني ٿيڻ گهرجن ۽ هر خواهش مند کي شفاف نموني چونڊن جو موقعو ملن گهرجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي جو تصور نه هئڻ گهرجي پر افسوس جو سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ ان جي اميدوارن جو ڪردار به هاڻي سياسي چونڊن ۽ سياستدانن جهڙو ٿي ويو آهي تنهن ڪري سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم به تڪراري ٿيندي پئي وڃي.
اسانج جي ڪيترن ئي سينئر اديبن سنڌي ادبي سنگت جي بهتري لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون ڏنيون هيون جن مان هڪ اها به آهي هت سينئر اديبن جو هڪ اهڙو بورڊ جوڙيو وڃي جيڪو واري واري سان خواهش مند اديبن کي رضاڪاراڻي طور ادبي سنگت کي هلائڻ جو موقعو ڏي. اسان سمجهون ٿا ته رضاڪاراڻي طور ايئن ئي سنڌي ادبي سنگت کي هلائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ان سان اها غير تڪراري ٿي سگهندي.
پر افسوس ته سنڌي اديب بجاءِ انجي ته پاڻ چونڊن جو ڪو مثالي انتظام ڪري ڏيکارين انهن الٽو سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن کي به سياسي چونڊن جهرو غير شفاف ۽ ڌانڌلين زده نظام بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جڳ کي پاڻ مٿان کلائڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي. اميد آهي ته اڄ جون چونڊون ان ڄاڻايل پس منظر جي روشني ۾ هاڻي صاف شفاف ٿينديون ۽ چونڊن کي زندگي ۽ موت جو مسئلو نه بڻايو ويندو پر صحتمند ۽ جمهوري روح پٽاندڙ چونڊن جو ماحول بڻايو ويندو. اسان جون سنڌي ادبي سنگت ۾ اهي ئي اميدون آهن.