سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ سان زرعي انقلاب نه پر تباهي ايندي

شاهپور چاڪر (پ ر) سنڌي هاري تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي خلاف شاهپور چاڪر ۾ هاري ڪانفرنس ۽ جلسي عام منعقد ڪيو  ويو.. سنڌ جي  زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، سنڌو درياءَ خاطر جهيڙو آ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نامنظور، هارين کي زمينون ڏيو، جاگيرداري ختم ڪريو، خصوصي سهولتڪاري ڪائونسل (سفڪ) جهڙو غير آئيني ادارو ختم ڪريو، هاري جاڳيا هاري ڙي جا زوردار نعرا هنيا ويا. ڪانفرنس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم واپس وٺڻ. پارليامينٽ ايڪٽ وسيلي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ختم ڪرڻ , سانگهڙ سميت سمورن ضلعن مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي ۾ هارين لاءِ ڪوٽا مقرر ڪرڻ سميت مختلف قراردادون منظور ڪيون ويون. سنڌي هاري تحريڪ جي نئين مرڪزي باڊي پڻ چونڊي وئي جنهن ۾ صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور چونڊيا ويا. عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، علي نواز ڏاهري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، شمشاد لغاري، نور محمد ڏاهري، نياز سريوال، موسي درس، سرتاج چانڊيو، عطا الله انڙ، هميرو مل، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر راڻو ڪنڊاڻي، شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي صدارتي ڪرسي عيوض سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آهي.قومن جي وسيلن ۽ زمينن کي وڪرو ڪري ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. 76 سالن کان طاقت جي زور تي اقتدار تي قبضو ڄمائي مظلوم قومن جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قومن جا وسيلا ۽ زمينون وڪرو ڪرڻ جو ادارو آهي. هي غير آئيني ادارو ملڪ دشمن آهي. سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ سان زرعي انقلاب نه پر زرعي تباهي ايندي. هن چيو ته وفاقي نگران حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم منظور ڪري سنڌ مٿان حملو ڪيو آهي. پنجاب ۾ نوان بيراج ۽ ڪينال اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. حڪمرانن سنڌ جي هارين کي بک ۽ بدحالي حي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت هارين کي فصلن جو مناسب اجورو ڏئي. سنڌي هاري تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته وڏيرا شاهي سنڌ جي عوام جو رت چوسي رهي آهي. سنڌ جا هاري بنيادي انساني حقن کان محروم بڻيل آهن. بااثر سرمائيدار ڪڻڪ، سارين، ڪمند، ڪپهه ۽ ٻين زرعي جنسن جو مناسب اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جون سرڪاري زمينون سنڌ جي هارين ۽ هارياڻين کي ڏنيون وڃن. سنڌ جي هارين کي سنڌ ٽينسي ايڪٽ تحت حق ڏنا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجي قومي ملڪيتن کان محروم ٿي ويندا. هارين ۽ مزدورن کي هڪ پلاٽ به نٿو ملي باقي ڪمپنين کي لکين ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي. بليڪ مارڪيٽنگ ذريعي هارين ۽ پورهيتن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. بليڪ مارڪيٽنگ جي ڪري هاري ڳرن وياجن تي ڀاڻ وٺي رهيا آهن. ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۾ سرڪاري مشينري ملوث آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۾ انساني حق معطل آهن. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون سنڌين جو وجود ميسارڻ جي سازش آهن. سنڌين کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بوگس ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ جون لکين پورهيت عورتون عدم تحفظ جو شڪار آهن. حڪمران جي نااهلي سبب سنڌ جي عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ عام بڻجي ويو آهي. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي هاري عورتن کي مناسب اجورو ڏنو وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته هارين جي ٻارن کي مفت ۾ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. هارين جي ٻارڙن کي هاري اسڪالر شپس ڏنيون وڃن. سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته نياڻين کي تعليم ۽ روزگار کان محروم رکيو پيو وڃي. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا سنڌ خلاف سازش آهن. آدمشماري نتيجن کي سنڌ جو عوام اڳ ۾ ئي رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي فرمائش تي ٿيل نيون تڪبنديون سنڌ خلاف سازش آهن. سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسي چيو ته هارين جي ٻارن کي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ زمينن تي والار جا منصوبا سنڌ جي وجود تي وار آهن. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر راڻو ڪنڊاڻي ڇيو ته سانگهڙ ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آهي پر پيپلز پارٽي جي بدترين حڪومت سبب سمورو ضلعو کنڊر بڻيل آهي. تيل ۽ گئس فراهم ڪندڙ سانگهڙ ضلعي جو عوام بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳوڻي مرڪزي آرگنائيزر علي نواز ڏاهري چيو ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جا سمورا منصوبا ختم ڪيا وڃن. جاگيرون ٽوڙي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن. ڪنويننش ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي نئين مرڪزي باڊي پڻ چونڊي وئي جنهن ۾  صدر غلام مصطفي چانڊيو، سينيئر نائب صدر  علي نواز ڏاھري، نائب صدر بلاول لاشاري، جنرل سيڪريٽري، درياءَ خان زئنور، جوائنٽ سيڪريٽري، سارنگ راهوجو، خزانچي علي نواز عالماڻي، آفيس سيڪريٽري ساگر درس، پريس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اشوڪ، ليگل سيڪريٽري مير پرويز دائودپوٽو، ميمرن ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري، بلاول لاشاري، اسماعيل خاصخيلي، محبت ھاليپوٽو، ماڻڪ ٽالپر، نور محمد زنئور، مظھر ميرجت، نور محمد خاصخيلي، رحمان نھڙيو، ڪلتار ميگھواڙ، ڀاڳچند،انور رند، عبدالڪريم لغاري چونڊيا ويا،جڏهن ته قراردادون منظور ڪري مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي هارين جو استحصال ڪندڙ صدين پراڻو بدبودار جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ زمينون فوجي ڪمپنين ۽ غير ملڪي سرمائيدارن کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي  ڏنيون وڃن. هارين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ضلعي ۾ ٽربيونل قائم ڪيا وڃن جن جي نگراني سيشن جج وٽ هجي. پاڪستان ۾ شامل قومن ۽ خاص ڪري سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ اسپپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو جوڙيو ويو آھي. ان اداري کي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين ڏئي سنڌي قوم کان سندن تاريخي ڌرتي کسڻ جي شروعات ڪئي وئي آھي. اڄوڪي ڪانفرنس ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته اھا زمين مقامي سنڌي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي. ملڪ جي اڳوڻي نگران وفاقي سرڪار آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ آرٽيڪل 155 جي ڀڃڪڙي ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم منظور ڪئي، ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ۽ غير قانوني ترميم واپس ورتي وڃي. ارسا کي مرڪز جي ڪنٽرول بدران آزاد ۽ خودمختيار اداري طور هلايو وڃي. سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڊيم ۽ ڪينال سنڌ جي وجود مٿان وار آهي. سنڌو درياهه تي ٺهندڙ سمورا ڊيم ۽ ڪينال فوري بند ڪيا وڃن. هارين کي هر سال فصل جو مناسب اگھ نه ڏئي انھن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. هارين کي مناسب اگھ فراهم ڪيا وڃن. فصلن جا اگھ سرڪاري طور مقرر ڪري ان کان گھٽ يا وڌ وصول ڪندڙ واپارين ۽ منافعي خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون وڪرو ڪندڙ مافيائن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ڊجيٽل آدمشماري نتيجا رد ڪري آدمشماري مروج اصولن تحت مقرر وقت تي ڪرائي وڃي ۽ بوگس ڊجيٽل  آدمشماري تحت نيون تڪبنديون سنڌ ورهائڻ جي سازش آهن. اهي فورن رد ڪيون وڃن. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ جيڪي اسم صوبن کي ڏنا ويا آهن انھن جون وفاقي وزارتون غير آئيني ۽ ملڪ جي خزاني مٿان بار آهن. اهي فوري طور بند ڪري اختيار صوبائي حڪومتن کي منتقل ڪيا وڃن. پوڇڙ تائين پاڻي پھچائڻ لاء جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن. بااثر زميندارن وزيرن مشيرن جا نڪتل غير قانوني واٽر ڪورس رد ڪيا وڃنن واھن ۽ شاخن کي پڪو ڪيو وڃي. ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. ڳوٺ آباد اسڪيم تحت بي زمين ھارين کي سرڪاري زمين تي ڳوٺ ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ انھن ڳوٺن ۾ روڊن رستن بجلي صاف پاڻي  صحت ۽ تعليم سميت سموريون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن. ڪشمور ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي جيڪب آباد سکر سميت اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي ته ٻين ضلعن ۾ چورين ڦرين سميت بدامني لاقانونيت جو راڄ آھي، انتظاميه سردارن وڏيرن ۽ حڪمرانن جي ذاتي نوڪر بڻيل آھي اڄوڪي ھن ڪانفرنس ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ مان ڌاڙيل راڄ بدامني لاقانونيت ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس اپاءُ ورتا وڃن. ڌاڙيلن ۽ چورن جي سرپرستي ڪندڙ بااثر ڌرين  ۽ ان ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ سٽي ذوالفقار آباد جھڙا وڏا منصوبا رد ڪيا وڃن. اسٽيل مل جي کربين روپين جي زمين سنڌ جي صوبائي ملڪيت آھي ان کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.  سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن ۾ ٿيل فراڊي جعل سازي جي جاچ لاءِ اعليٰ عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي. ان جعلسازي ۾ ملوث اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.