غير قانوني هجرت جي روڪٿام لاءِ وڏو منصوبو

ڪراچي (پ ر) نوجوانن جون زندگيون ۽ خواب بچائڻ لاءِ يورپين ريسرچ انسٽيٽيوٽ، يورپي يونين جي مالي مدد سان هڪ منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ آگاهي سيشن رٿيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ تازو ڪراچي ۾ هڪ سيشن جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ماڻهن کي قانوني رستي سان ٻاهر وڃڻ سان گڏ ملڪ ۾ موجود وسيلن مان فائدو کڻڻ بابت ڄاڻ ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي هڪ بهتر فيصلو ڪري سگهن.
غير قانوني رستو اختيار ڪندڙن مان ڪيترن جا ئي خواب رستي ۾ ٽٽي پوندا آهن، جڏهن اهي ڪنهن حادثي جي نتيجي ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا آهن ۽ انهن جي زندگي انساني سمگلرن جي دوکي جي ور چڙهي ويندي آهي ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو جيڪي خطرناڪ ۽ سخت ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي منزل تي پهچي ويندا آهن ته اتي نوان مسئلا انهن جو انتظار ڪندا آهن.
ان پروگرام جي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر امان الله پروگرام جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته غير قانوني طريقن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو پر پوءِ به هر سال هزارين ماڻهو يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ غير قانوني رستو اختيار ڪندا آهن ۽ پنهنجي زندگي ڏکيائين ۾ وجهندا آهن، ملڪ جي نوجوان نسل جي آگاهي ۽ انهن جي بهتر مستقبل لاءِ هن پراجيڪٽ تحت سڄي ملڪ ۾ 30 اهڙا آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويندا ته جيئن نوجوان بهتر مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.
هن چيو ته پاڪستان موقعن ۽ وسيلن سان مالا مال آهي، هتي موجود ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل سينٽر نئين نسل جي مهارتن ۽ صلاحيت ۾ واڌ جي مقصد سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٿورڙي محنت، محقيق، موجوده وسيلن تي نظرثاني، پنهنجي قابليت ۾ واڌ ذريعي توهان انهن ڏکيائين کان بچي سگهو ٿا.
سيمينار جي ماهر اسپيڪر خورشيد رحماني چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي گهر ڀاتين جو سهارو بڻيو وڃي ۽ انهن کي بي سهارو نه ڪيو وڃي، تنهن ڪري قانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ وڃو ۽ بهتر روزگار ڪمائڻ لاءِ پنهنجي مهارتن ۾ واڌ ڪيو ۽ ڪنهن به ملڪ وڃي انهن تي بار بڻجڻ بدران اتان جي معيشت ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو پر اهو تاثر غلط آهي ته رڳو ٻاهرئين ملڪ وڃي ئي بهتر روزگار ڪري سگهجي ٿو، پنهنجي ملڪ ۾ به ڪيترائي موقعا موجود آهن، ضرورت آهي ته انهن کي ڳولڻ جي ۽ پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪرڻ جي، يورپي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو يورپي يونين جي مالي مدد سان هلندڙ پراجيڪٽ سيفر نالي اهو منصوبو انهن ئي موضوعن بابت نوجوانن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته نئين ملڪ جي ٻولي، اتان جا ماڻهو، رهڻي ڪهڻي، تهذيب، مذهب سڀ ڪجهه مختلف هجڻ سبب اتي ماڻهو غير محفوظ محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ قانوني دستاويز نه هجڻ سبب کين ڪو مناسب ڪم به نه ملي سگهندو آهي، سڄي زندگي پنهنجي پيارن کان پري رهندا آهن، تنهن ڪري بهتر آهي ته مناسب ۽ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي، پنهنجي ملڪ ۾ موجود وسيلن مان فائدو کنيو وڃي ۽ مڪمل ڄاڻ ۽ تياري کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.