مينڊس کانپوءِ ٿُشارا جو قهر، بنگلاديش کي سريلنڪا هٿان ميچ ۽ سيريز ۾ شڪست

سهلٽ (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾بنگلاديش کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي.
سهلٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
سريلنڪا پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون.
ڪوشل مينڊس ٽين ميچن به 86 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته داشن شاناڪا 19، ڪپتان ونندو هسارنگا 15 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي تسڪين احمد ۽ ريشاد حسين ٻه، ٻه جڏهن ته شريف السلام ۽ مستفيض الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪا جي 175 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش 20 هين اوور ۾ 146 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ريشاد حسين 53، تسڪين احمد 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، سريلنڪا طرفان نوان ٿُشارا پنج بنگالي بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، ونندو هسارنگا ٻه، داشن شاناڪا، مهيش ٿيڪشنا ۽ ڌننجيا ڊي سلوا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پنج وڪيٽون وٺندڙ نوان ٿُشارا کي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته ڪوشل مينڊس کي پليئر آف دي سيريز جي ايوارڊ سان نوازيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.