مرلي ڌرن ۽ شين وارن کانپوءِ جيمز اينڊرسن جو تاريخي ڪارنامو

ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي فاسٽ بالر جيمز اينڊريسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ست سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهريون تيز بالر بڻجي ويو آهي.
جيمز اينڊريسن اِهو ڪارنامو ڀارت خلاف پنجين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن سرانجام ڏنو.
ان کان اڳ سريلنڪا جي اسپنر مٿيا مرلي ڌرن 8 سئو ۽ آسٽريليا جي شين وارن 708 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن پر اينڊرسن فاسٽ بالر طور اِهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر آهي.
سال 2002ع ۾ ڊيبيو ڪندڙ جيمز اينڊرسن 187 ٽيسٽ ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 26 ڏهائي 52 جي ايوريج سان ست سئو وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
فاسٽ بالر ڪيريئر دوران 32 ڀيرا پنج يا ان کان وڌيڪ جڏهن ته ٽي ڀيرا ڏهه وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
جيمز اينڊرسن ست سئو مان 434 وڪيٽون پنهنجي سرزمين جڏهن ته 266 وڪيٽون مختلف ملڪن ۾ ميچن دوران حاصل ڪيون.
ٽيسٽ ميچن ۾ ست سئو وڪيٽن کانسواءِ جيمز انڊريسن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ 269 ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 18 وڪيٽون حاصل ورتيون آهن.
مجموعي طور تي 987 انٽرنيشنل وڪيٽن سان جيمز اينڊرسن کي هڪ هزار عالمي شڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 13 وڪيٽون گهربل آهن.
واضح رهي ته ڀارت ڌرمشالا ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ کي اننگز 64 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز چار هڪتان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.