انگلينڊ کي تاريخي شڪست، بي سي سي آءِ رانديگرن کي ٽيڪائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڌرمشالا ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) رانديگرن جو ٽيسٽ ميچ ۾ معاوضو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه چيو آهي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ انسينٽو اسڪيم فار سينيئر جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، جنهن تحت رانديگرن کي موجودا ميچ فيس ۾ 15 لک ( ڀارتي ) رُپيا اضافي ملندا.
جئه شاهه موجب، سيزن ۾ نوَ ٽيسٽ ميچن دوران ڪو ڪرڪيٽر پنجاهه سيڪڙو کان گهٽ کيڏيو ته اِهو اسڪيم مان لاڀ حاصل نه ڪري سگهندو، جيڪڏهن رانديگر پنج يا ڇهه ٽيسٽ کيڏندو ته کيس ميچ فيس جي مد ۾ ٽيهه لک ڀارتي رُپيا اضافي رقم ملندي.
هن چيو ته ٽيسٽ ميچ ۾ پليئنگ اليون جو حصو نه بڻجندڙ پليئر کي في ميچ پندرنهن لک رُپيا رپيا ملندا ، ست يا ان کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ رانديگر کي في ميچ 45 لک ڀارتي رپيا ملندا.
جئه شاهه وڌيڪ چيو ته نان پليئنگ ميمبر کي في ميچ ساڍا ٻاويهه لک ڀارتي رپيا ملندا، رقم ۾ وڌائڻ جو مقصد رانديگرن کي مستحڪم بڻائڻ آهي، نئين اسڪيم 2022 ۽ 23 کان لاڳو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ڌرمشالا ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ کي اننگز 64 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز چار هڪتان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.