سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي ملڪ جي ڪيئي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ 10 کان 12 مارچ دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات، انڌاري ۽ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي،
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو نوَ مارچ تي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، اِهو سلسلو يارنهن مارچ تائين ملڪ جي اترين علائقن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻيندو جڏهن ته اولهندي هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو ٻارنهن مارچ تي ملڪ ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جي ان سلسلي سبب بلوچستان ۾ 9 کان 13 مارچ تائين برسات ۽ جابلن تي برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، مري ۽ گليات ۾ 11 کان 14 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي.
برساتن سبب گوادر، تربت، پنگور ۾ نين ۽ نالين ۾ چاڙهه جڏهن ته 13 ۽ 14 مارچ تي مري، گليات، ناران، ڪاغان ۽ چترال ۾ برفباري سبب روڊ بند ٿيڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ 11 کان 15 مارچ دوران برسات ۽ جابلن تي برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ 10 کان 14 مارچ دوران برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري ٿيندي، صوبي ۾ 13 ۽ 14 مارچ تي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 13 ۽ 14 مارچ تي دير، سوات، هنزا، اسڪردو ۽ باغ ۾ به برفباري سبب روڊ بند ٿيڻ جو خدشو آهي، ملڪ جي اترين علائقن ڪي پي ، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستانن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خدشو آهي.
موسميات کاتي سمورن ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.