ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي شاندانه گلزار کي ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو.
شاندانه گلزار کي رياستي اختيارين خلاف چڙ ڏياريندڙ ۽ عوام کي اڪسائڻ جي مهم هلائڻ تي 14 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي نوٽيس موجب شاندانه گلزار حاضر نه ٿي ته سمجهيو ويندو وٽس پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي.
آيف آءِ اي شعيب مرزا جي لکت شڪايت تي شاندانه گلزار کي نوٽيس جاري ڪيو آهي، شاندانه گلزار کي 14 مارچ تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر لاهور ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.