وزيراعظم جي صدر چونڊجڻ تي آصف زرداري کي مبارڪباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پ پ پارليامينٽيريز جي صدر آصف زرداري کي ملڪ جو نئون صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته آصف زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو، اميد آهي ته صدر طور هو پنهنجون آئيني ذميواريون سٺي طريقي سان انجام ڏيندو.
هوڏانهن شهباز شريف مبارڪباد ڏيڻ لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهتو ۽ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي آصف زرداري کي مبارڪباد ڏني.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين به صدر چونڊجڻ تي آصف زرداري کي واڌايون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.