شاهين جو بابر سان ڦڏو، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي، اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سان جهيڙي واري افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ايشيا ڪپ 2023ع دوران اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي وچ ۾ ميچ کانپوءِ ٽيم ميٽنگ دوران مبينا طور جهيڙي بابت خبرون سامهون آيون هيون.
رپورٽ موجب، سريلنڪا هٿان پاڪستان جي آخري بال تي شڪست کانپوءِ ڇڪتاڻ عروج تي هو ۽ مبينا طور بابر ڪجهه سينيئر رانديگرن جي ڪارڪردگي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو.
پر هاڻ ان معاملي تي شاهين آفريدي چيو ته ڪنهن جي آڏو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ ضرورت ناهي، جڏهن ميٽنگ ۾ هوندا آهيون ته ٽيم لاءِ ڳالهائيندا آهيون، ان ڏينهن به ائين ٿيو.
پنهنجي بيان ۾ شاهين آفريدي چيو ته اسان ٻئي ڄاڻو ٿا ته ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻو آهي، پاڪستاني ٽيم اسان جو خاندان آهي انڪري معاملا درست ڪرڻا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.