صدر جي حيثيت سان عارف علوي جو آخري بيان جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي الوداعي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
صدر جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ عارف علوي چيو ته صدر طور ملڪ جي عوام لاءِ خدمت ڪرڻ فخر جوڳو رهيو، الله منهنجي ڪوتاهين تي مون کي معاف ڪري، سٺن عملن جو اجر ڏئي، منهنجي گهرواري ثمينه علوي به ان دعا ۾ مون سان شريڪ آهي.
هن چيو مون کي ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان جي 13هين صدر طور ايڪس هينڊل تي منهنجو هي آخري پيغام آهي، هي اڪائونٽ آگسٽ 2018 ۾ ٺاهيو هو، جيڪو 14هين صدر کي منتقل ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.