هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي جي حد تائين هوندو آهي: چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي جي حد تائين هوندو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان صدارتي چونڊن ۾ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ پريزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون نڀايون.
اليڪشن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي پي اسيمبلي ۾ شفاف چونڊون ٿيون.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي جي حد تائين هوندو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڄي ملڪ لاءِ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.