قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ عمر ايوب جا ڪاغذ جمع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل طرفان عمر ايوب کي مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست اسپيڪر آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي.
سني اتحاد ڪائونسل طرفان عمر ايوب کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو ويو آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ ملڪ عامر ڊوگر طرفان اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي.
ان موقعي تي صاحبزاده حامد رضا، علي محمد خان، رياض فتيانه، ڊاڪٽر نثار جٽ ۽ ٻيا اپوزيشن ميمبر به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.