ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو موٽر وي ايم نائن جي ڀرپاسي حددخليون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ايم نائن جي ڀرپاسي حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ال آصف اسڪوائر، ايم نائن جي ڀرپاسي حددخلين بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
عدالت ايم نائن جي ڀرپاسي زمين، اين ايڇ اي جي حدن بابت تفصيل طلب ڪندي حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت اهو به پڇاڻو ڪيو ته ايم نائن جي ڀرپاسي ڪيترا فوٽ زمين سرڪاري ملڪيت آهي.
ان کان اڳ درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود حددخليون قائم ٿي رهيون آهن، پوليس کي شڪايت ڪندا آهيون ته ڌمڪيون ملنديون آهن.
درخواستگذار موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ انتظاميا کي حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.