ڳورهاري هجڻ جا افواهه ڇو پکيڙيا ويا؟ ماهرا خان ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان ٻڌايو آهي ته هن جي ڳورهاري ٿيڻ جي خبرن ۾ سچائي نه هئي خبر نه آهي ته ڪنهن اها خبر پکيڙي.
گذريل مهيني فيبروري جي شروع ۾ ڀارتي ميڊيا ۽ مختلف شوبز سوشل ميڊيا پيجز تي افواهه پکيڙيا ويا هئا ته ماهرا خان شادي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ ڳورهاري ٿي وئي آهي ۽ جلد کيس ٻار ڄمڻ جو امڪان آهي.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ماهران ڳالهائيندي چيو ته هن وٽ ٻار جي پيدائش جو امڪان انهي آهي، پکيڙيل خبرن ۾ ڪا سچائي نه هئي.
اداڪارا چيو ته کيس خبر آهي ته ڪنهن ۽ ڇو اهڙا افواهه پکيڙيا، پر امڪاني طور تي سندس وزن وڌڻ سبب هن جي ڳورهاري هجڻ جون خبرون پکيڙيون ويون.
هڪ سوال جي جواب ۾ ماهرا خان چيو ته جيڪڏهن هوءَ اداڪارا نه هجي ها ته ڊانسر هجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.