سنڌ اسمبليءَ جي ٽن مخصوص سيٽن کي صدارتي چونڊن ۾ نه ڳڻڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٽن مخصوص سيٽن کي صدارتي چونڊن ۾ نه ڳڻيو وڃي.
پ پ جي سميتا افضال، ايم ڪيو ايم جي فوزيا حميد ۽ پ پ جي اقليتي سيٽ تي سريندر ولاسائي گذريل ڏينهن قسم کنيون هو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏيڻ واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ عدالت سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن طرفان پنهنجي پسنديدا اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ واري عمل ۾ مداخلت نٿي ڪرڻ چاهي، پر تيستائين صوبائي اسيمبلي جي ٽن ووٽن کي فيصلائتو نه سمجهيو وڃي جيستائين درخواست تي حتمي فيصلو نٿو اچي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طرفان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واريو ويو آهي.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ٽنهي ميمبرن ست مارچ تي قسم کڻي ورتو آهي انڪري درخاوست غير اثرائتي ٿي چڪي آهي.
عدالت اليڪشن ڪميشن، ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي کان 28 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ خلاف درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، وڌيڪ ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.