ڇا ماورا حسين شادي ڪري رهي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا ماورا حسين پنهنجي تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ واضح ڪيو آهي ته هن جي شادي ناهي ٿي رهي.

تازو ئي ماورا حسين انسٽاگرام تي پنهنجي فوٽوشوٽ جون تصويرون شيئر ڪيون، جن کي ڏسي اشارو ملي ٿو ته ادڪارا ونواهه جي تقريب ۾ موجود آهي.

اداڪارا تصوير کي شيئر ڪندي واضح ڪيو ته سندس شادي ناهي ٿي رهي ۽ نه ئي هن جو ايندڙ هفتي تائين شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي.

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته هن جو ايندڙ هفتي، ايندڙ مهيني يا ايندڙ سال تائين شادي ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by MAWRA (@mawrellous)

هن واضح ڪيو ته مداح هن جون تصويرون ڏسي ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿين، اهي تصويرون هن جي ڪنهن منصوبي جون آهن.

اداڪارا جي تصويرن تي واهپيدارن ڪمينٽس ڪندي کيس خوبصورت قرار ڏنو ۽ هن کان سوال ڪيو ته هوءَ شادي ڪڏهن ڪندي؟.

ماورا حسين ماضي ۾ پنهنجي شادي بابت ڳالهائيندي رهي آهي ۽ هن واضح ڪيو ته هوءَ پيءُ ماءُ جي پسند سان شادي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.