ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڇهن ورهين تائين سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي رهندڙ صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين طور مدو پورو ٿي ويو .
صادق سنجراڻي 12 مارچ 2018ع تي بلوچستان مان پهريون سينيٽ چيئرمين چونڊيو ويو.
صادق سنجراڻي کي مخالف پارٽين، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان ۽ فاٽا مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل ميمبرن گڏجي ن ليگ چيئرمين راجا ظفر الحق جي مقابلي ۾ سينيٽ چيئرمين چونڊرايو.
صادق سنجراڻي اٺ فيبروري ٿيل عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي.
صادق سنجراڻي جي دور ۾ چيئرمين سينيٽ جي آفيس تمام گهڻي فعال رهي، صادق سنجراڻي جي آفيس هر سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ ميمبرن لاءِ کليل رهي.
صادق سنجراني پنهنجي مفاهمتي پاليسي کي ايترو اثرائتو بڻايو جو سندس سڀ کان وڏي مخالف نواز شريف به ساڻس خير سگالي واري جذبي تحت خاص ملاقات ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
You might also like