سرحدن تي فوجين جي مقرري، چين ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته هماليا جي سرحد تي وڌيڪ فوجين جي مقرري خطي جي امن لاءِ خطرو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ ڀارت کي تنبيهه ڪئي آهي ته هماليا سرحد تي وڌيڪ فوجين جي مقرري سان خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽجڻ بدران وڌي ويندي.
چيني ترجمان چيو ته سرحدي علائقن جي امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون پر اسان سمجهون ٿا ته ڀارت جو طرز عمل ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ سازگار نه آهي.
چين جي پرڏيهي ترجمان چيو ته سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوجين جي مقرري ۾ اضافو حالتن کي پرسڪون رکڻ يا انهن علائقن ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي ڪوششن کي سبوتاز ڪري ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.