اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پارليامينٽ جو ميمبر آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو.
سينيٽر فيصل سليم آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو.
سڄي دنيا جا 140 ملڪ پارليامينٽري نيٽورڪ آن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جا ميمبر آهن.
پارليامينٽري نيٽورڪ غربت جي خاتمي ۽ معاشي استحڪام بابت سڌارن جون سفارشون تيار ڪندو آهي.
خيبرپختونخواهه سان واسطو رکندڙ سينيٽر فيصل سليم مارچ 2021ع ۾ سينيٽ جو ميمبر بڻيو هو ۽ سندس مدو مارچ 2027ع تي ختم ٿيندو.
پهريون ڀيرو پاڪستاني پارليامينٽيرين آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو
You might also like