عمران کي شفاف ٽرائل لاءِ به 50 سال لڳندا؟ پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ذوالفقار علي ڀٽو بابت عدالتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي  چيو آهي ته ان  حقيقت تائين پهچندي پهچندي  کيس فيئر ٽرائل نه مليو، سپريم ڪورٽ کي 50 سال لڳي ويا، پنهنجي بيان ۾ ترجمان ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي معاملي ۾ پنهنجي محبوب ۽ سڀ کان معتبر اڳواڻ عمران خان کي  فيئر ٽرائل جي بنيادي دستوري حق لاءِ ڇا هاڻي قوم کي وڌيڪ 50 سال انتظار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته انصاف فراهمي جو آفاقي اصول آهي ته انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي، تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته عمران خان ۽ ان جي زال سميت تحريڪ انصاف جا اسير اڳواڻن ۽ هزاري بيگناهه ڪارڪنن کي ناهن قيد مان بنا دير آزاد ڪيو وڃي ۽ فيئر ٽرائز جي ذريعي انهن خلاف ڪوڙن ڪيسن جا فيصلا ڪيا  وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.