اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سميت پ پ قيادت کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاريخي غلطي کي درست ڪرڻ ممڪن ناهي، سنگين غلطي تسليم ڪري نئين تاريخ ۽ نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي، ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي راءِ مددگار ثابت ٿيندي. تاريخ کي صحيح تناظر ۾ سمجهڻ سان ماضيءَ جي غلطين جي درستگي کي ختم ڪرڻ سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ٿو.