ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي صورتحال خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي تنهنڪري ضروري آهي ته گهريلو ۽ آبپاشي مقصدن لاءِ پاڻي جو پائيدار سسٽم بڻايو وڃي ته جيئن پاڻي جي نظام کي موثر بڻائي سگهجي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي اعليٰ سطح وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي واٽر گلوبل جي ڊائريڪٽر سروج ڪمار جها ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهسين ڪئي جنهن ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي سڌارن ۽ صوبي ۾ آبپاشي نظام جي بهتري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري آبپاشي نياز عباسي شرڪت ڪئي. مراد شاهه چيو ته پاڪستان پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي تنهنڪري اهو ضروري آهي ته پائيدار پاڻي جي سسٽم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهريلو ۽ آبپاشي مقصدن لاءِ پاڻي جي سسٽم کي موثر بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي ۽ اسان جي حڪومت پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي مشاورت سان اسان واٽر بورڊ ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي کي پڻ شامل ڪيو آهي. ورلڊ بينڪ جي واٽر گلوبل ڊائريڪٽر موجب ڪراچي واٽر بورڊ کي ڪمرشل آرگنائيزن جيان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي بجلي کان وڌيڪ اهم آهي پر ماڻهو ان جي اهميت کي نظرانداز ڪندا آهن ڇوته ان جا اگهه بجلي کان گهٽ آهن ۽ عوام پنهنجن بل ادا ڪرڻ کي سنجيدگيءَ سان نٿا وٺن. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته جڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي صورتحال چڱي هئي ته واٽر بورڊ پنهنجا سمورا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ اوڳاڙي ڇونه ڪري سگهيا؟ واٽر بورڊ مالي طور ايترو ڪمزور آهي جو ان کي هر مهيني بجلي جو بل ادا ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت تي ڀاڙڻو پوندو آهي. واٽر بورڊ جي چيئرمين مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي ۾ سڌارن سان گڏ اوڳاڙيون وڌڻ شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته KWSB گذريل ٽماهي دوران 1.6 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن جڏهن ته اڳ اهو هڪ ارب رپين کان گهٽ هو ۽ پوءِ 1.1 ارب رپين تائين پهچي ويو. وڏي وزير چيو ته واٽر بورڊ پاڻي جي استعمال کي ماپڻ لاءِ ميٽر لڳائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته واٽر بورڊ عالمي بئنڪ جي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن ان جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ ان سروس جي فراهمي کي تيز ڪري سگهجي. اجلاس ۾ آبپاشي نظام جي بهتري تي به غور ويچار ڪيو ويو.