ايڪتا ڪپور ڀارت ۾ پاڪستاني ڊرامو ” تيري بن “ ٺاهڻ جي تيارين ۾!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي فلمساز ۽ هدايتڪار ايڪتا ڪپور بلاڪ بسٽرپاڪستاني ڊراما سيريل ” تيري بن “ جي ريميڪ جي تياري شروع ڪري ڇڏي.
گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستاني ڊراما ڀارت ۾ هڪ خاص شهرت حاصل ڪري رهيا آهن، هاڻ ڀارتي اداڪار ۽ پروڊيوسر به پاڪستاني ڊرامن کي ساراهيندي نظر اچن ٿا، ڪجهه ڀارتي ادڪارائن ته پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي آهي.
ڀارت ۾ شهرت ماڻيندڙ ڊرامن ۾ وهاج علي ۽ يمنيٰ زيديءَ جو ڊرامو ” تيري بن “ به شامل آهي جيڪو پاڪستان سميت ڀارت، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن به تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو.
ڊرامي جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي مشهور ڀارتي پرڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ايڪتا ڪپور ڀارت ۾ ان ڊرامي جو ريميڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موججب، ايڪتا ڪپور ڊراما سيريل ” تيري بن “ جي ريميڪ لاءِ ڀارتي ٽي وي چئنل ڪلرز ٽي وي سان ڀائيواري ڪئي آهي، ايڪتا ڪپور ان ڊرامي جي ڪردارن لاءِ اداڪارا ڪانيڪا مان ۽ عائشا سنگهه سان به رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، ايڪتا ڪپور ريميڪ ڊرامي جو عنوان به ” تيري بن “ ئي رکندي جڏهن ته اِهو ڊرامو هلندڙ سال جولاءِ کان ٽي وي تي نشر ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.