ڏوڪري (رپورٽ-مجاهد آفتاب قاضي) ڏوڪري ڀرسان ڀرسان فتح پور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تعلقه اسپتال منتقل ڪيا. مارجي ويلن ۾ هڪ ڌر جو حاڪم، شوڪت ۽ ارباب ۽ دوست محمد مڱڻيجو شامل آهن جڏهن ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن.
ذريعن موجب مارجي ويلن ارباب جمالي مقتول حاڪم جمالي جو سهرو آهي، ڌرين ۾ ڪافي وقت کان سرڪاري زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آھي جڏهن ته هيل تائين ٻنهي ڌرين جا اٺ کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي آهي.
ٻي پاسي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.
ذريعن موجب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچا بند بڻيل آهن جنهن سبب وڌيڪ خوريزي جو خدشو آهي.
مارجي ويل حاڪم جمالي جي ڀيڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڻڪ جي فصل ۾ لڪي ويٺل ارباب جمالي ڌر جي ماڻهن گهرن تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ڀائر حاڪم ۽ شوڪت جمالي قتل ٿي ويا آهن.
ڊي آءِ جي جي نوٽيس وٺن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي فتح پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر محمد علي ابڙو سان گڏجي واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو.
You might also like