رمضان کان اڳ خاص الائونس، ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن رمضان کان اڳ سيل اسٽاف جي خاص الائونس ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سيل اسٽاف الائونس ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ذريعن موجب رمضان کان اڳ سيل اسٽاف جي خاص الائونس ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بورڊ الائونس ۾ واڌ جي منظوري ڏني، سيل اسٽاف جي الائونس ۾ واڌ پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي.
ذريعن موجب ڊليوري ڪلارڪ جو الائونس هڪ هزار مان وڌائي 2 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيشيئر جو ڪيش هينڊلنگ الائونس به هڪ هزار مان وڌائي ماهوار 2 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سپر مارڪيٽ ۾ مقرر هر ميمبر جو خاص الائونس 500 مان وڌائي 1500 رپيا ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.