سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگر ملڪ لاءِ کيڏڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي: محمد عامر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته ڪوئيٽا وٽ بالنگ ۽ بيٽنگ ۾ ٽي ٽوئنٽي جا اسپيشلسٽ آهن، سعود شڪيل پاران اوپن ڪرڻ اسان لاءِ پلس پوائنٽ ثابت ٿيو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي ڪاميابي جو راز بهترين ڪامينيشن آهي، ٽي ٽوئنٽي ۾ پاور پلي دوران بيٽنگ ۽ بالنگ اهم هوندي آهي.
هن چيو ته اسان جا اسپنر وچ وارن اوورن ۾ وڪيٽون وٺي رهيا آهن، عقيل حسين بهترين اسپنر آهي، باقي ٻه مسٽري اسپنر آهن، جيڪي هر وڪيٽ تي ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته چار ميچون کيڏيون آهن، ٻن ميچن ۾ وقفو ورتو هو، لاڳيتو ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان انڪري ٻن ميچن ۾ آرام ڪيو، ڪوچ واٽسن چيو ته ميگا ايونٽ جي آخري مرحلي ۾ بريڪ وٺڻ کان بهتر آهي پهريان بريڪ وٺجي.
محمد عامر چيو ته سندس ذاتي هدف ناهي هوندو، ٽيم جي گهرجن پٽاندڙ پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ٽي ٽوئنٽي ۾ پرفارمنس اِها ئي هوندي آهي جيڪا ٽيم لاءِ اثرائتي هجي، 45 رنسون ڏئي پنج وڪيٽن کان 15، 20 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ وٺڻ بهتر آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽرن کي پروفيشنل طور سوچڻو پوندو ته ڪهڙي ليگ کيڏڻي آهي ۽ ڪهڙي ناهي کيڏڻي، اِهو ڏسڻ ضروري ليگ ڪرڪيٽ مان لاڀ حاصل ٿي رهيو آهي يا نه، رڳو پئسو ملي ۽ راند جو معيار نه هجي ته فائدو ناهي.
هن چيو ته حارث رئوف جي ڪانٽريڪٽ وارو معاملو جيڪڏهن بند ڪمري ۾ حل ٿئي ها ته بهتر هو، رانديگرن ۽ بورڊ جون ڳالهيون ٻاهر نه اچڻ گهرجن، سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ پليئر بورڊ کي منع نٿو ڪري سگهي.
محمد عامر چيو ته ٽن چئن ورهين کان عالمي ڪرڪيٽ کان پري آهيان، واپسي جو ناهي سوچيو، في الحال جيڪا ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان ان کي انجواءِ ڪري رهيو آهي، فيملي سان سٺو وقت گذارڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.