مالديپ جو ڀارت کي ڪڍي چين سان دفاعي معاهدو

مالي (ويب ڊيسڪ) مالديپ ڀارتي فوجين کي کي ملڪ ملڪ مان نڪرڻ جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ چين سان فوجي مدد معاهدي تي صحيحون ڪري ورتون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب مالديپ ۾ موجود تقريبن 89 فوجي 10 مئي تائين مالديپ مان نڪري ويندا.
مالديپ جي صدر محمد معيزو چيو آهي ته ڀارتي فوج وردي بدران سادن ڪپڙن ۾ اچي رهي آهي، 10 مئي کان پوءِ مالديپ ۾ ڪو به ڀارتي نه وردي ۽ نه ئي بنا وردي ۾ نظر اچي ۽ آئون اهو اعتماد سان چوان پيو.
مالديپ جي بچاءَ واري وزارت موجب مالديپ سومر جي ڏينهن بيجنگ سان چين جي فوجي امداد جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، معاهدو بنا ڪنهن معاوضي جي طئي ٿيو آهي.
وزارت جو چوڻ هو ته اهو معاهدو مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هو. ڀارت کي هندي سمنڊ ۾ چين جي وڌندڙ موجودگي ۽ مالديپ ۾ ان جي اثر تي خدشا آهن.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ صحافين کي ٻڌايو ته بيجنگ مالديپ سان گڏيل طور تي هڪ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.