بيروزگارن لاءِ خوشخبري، سنڌ پوليس ۾ هزارين نوڪرين جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتين جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ هيڊ ڪوارٽر، اي آءِ جيز آپريشنز، اسٽيبلشمينٽ ۽ ايڊمن شريڪ ٿيا، جڏهن ته وائس چانسلر سکر آءِ بي اي ۽ ٻيون اختياريون وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيون.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ پوليس اهلڪارن جي SIBA ٽيسٽنگ سروس ذريعي ٿيندڙ ڀرتين تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتي لاءِ مرحلي وار ٽيسٽ شيڊيول متعارف ڪرايو ويندو، ڪوشش هوندي ته ٽيسٽ ۾ شامل ٿيڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته وڏي وزير 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتي جا حڪم ڏنا آهن، ڀرتين سان نه رڳو پوليسنگ کي هٿي ملندي پر هزارين نوجوانن کي روزگار به ملندو.
هن چيو ته سمورين قانوني گهرجن کي جلد پورو ڪيو وڃي، ڀرتين ۾ عورتن، اقليت ۽ خاص ماڻهن جي مخصوص ڪوٽا جو به خيال رکيو وڃي.
وائس چانسلر آءِ بي اي سکر ٻڌايو ته منهنجي ٽيم جلد ان منصوبي تي ضروري قدمن کانپوءِ سنڌ پوليس کي آگاهه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.