خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور ويجهو چوري جي ڪوشش دوران ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند چور مارجي ويو.
ڳوٺ حيات بروهي ۾ هٿياربندن پاران بروهي برادري جي گهر مان چوري جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.
ڳوٺاڻن فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ هٿياربند غلام حيدر دوداڻي جتوئي مارجي ويو.
مارجي ويل چور جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو.
You might also like