نوشهروفيروز: قتل ڪيس، 4 جوابدارن کي موت جي سزا

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهرو فيروز جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نزاڪت علي ٽانوري جي عدالت ۾ بگٽي برادري جي چئن ڄڻن جي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن ساماڻو بگٽي، سومر، درياخان ۽ بخش علي بگٽي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت هڪ ڄڻي کي زخمي ڪرڻ تي جوابدارن کي پنج – پنج سال قيد 10،10 لک روپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي.
جوابدارن پڊعيدن ٿاڻي جي حد ۾ 2019ع ۾ وحيد علي بگٽي، حاجي خادم، حسين علي، جمن بگٽي کي قتل ۽ هڪ ڄڻي علي شير کي زخمي ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.