راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان آچر تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪنداسين، ڇو ته سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ن ليگ ۽ پ پ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته ماڻهن پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو پر اليڪشن ڪميشن مينڊيٽ ن ليگ ۽ پ پ کي ڏئي ڇڏيو، جيڪا زيادتي آهي، جنهن خلاف آچر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
You might also like